ترخان نامو

ترخان نامو

ترخان نامو

ترخان نامو (ڪتاب ):هي ڪتاب ارغون ۽ ترخان دور تي سيد مير محمد بن سيد جلال ٺٽويءَ جي تصنيف آهي، جيڪا 1065ھ / 1654ع ۾ لکي وئي. هن ڪتاب ۾ ارغون ۽ ترخان قبيلن جي اصليت سندن شجرا ۽ حڪومت جو احوال ڏنل آهي.
ڪتاب ۾ ارغون حاڪمن شاهه بيگ ارغون ۽ مرزا شاهه حسن ارغون جي احوال سان گڏ ترخان حاڪمن مرزا عيسيٰ خان ترخان (اول)، مرزا محمد باقي بيگ ترخان، مرزا پائينده بيگ ترخان، مرزا جاني بيگ ترخان، مرزا غازي خان ترخان ۽ مرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) جي زندگيءَ جو مڪمل احوال فارسيءَ ۾ ڏنل آهي ۽ آخر ۾ شجرا به ڏنل آهن. هي ڪتاب سيد حسام الدين راشدي تمام گهڻيءَ محنت سان ايڊٽ ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ 1965ع ۾ ڇپايو. هن ناياب ڪتاب جو فارسيءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمي جو ڪم سنڌ جي اديب ۽ محقق مرزا عباس علي بيگ کي ڏنو ويو هو. مرزا صاحب ترخان نامي جي سنڌي ترجمي سان گڏوگڏ واڌارا ۽ اضافا ڪري هڪ مسودو تيار ڪيو، ليڪن ترخان نامي جي پهرئين ڇاپي ۾ اهي واڌارا ۽ اضافا شامل نه ڪيا ويا، سنڌي ترجمي وارو ترخان نامو 1994ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو، ترخان نامي جي سنڌي ترجمي جي ٻئي ڇاپي ۾ مرزا عباس علي بيگ جا لکيل واڌارا ۽ اضافا شامل ڪيا ويا، ترخان نامي جي سنڌي ترجمي جو ٻيو ڇاپو 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو آهي .


لفظ ترخان ناموھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو